سعودي عرب ۾ پاڪستاني خاندان جي گاڏي سان حادثو، 4 ڄڻا فوت

رياض (ويب ڊيسڪ) مڪي شريف کان قطر ويندڙ پاڪستان زائرين جي گاڏي کي رياض ويجهو حادثو پيش آيو آهي.
پاڪستاني سفارتي ذريعن موجب رياض ويجهو ڪار ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب قطر ۾ مقرر پاڪ فوج جو ميجر ارسلان زخمي جڏهن ته سندس خاندان جا چار ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ قطر ۾ مقررر پاڪ فوج جي ميجر ارسلان جي ماءُ، زال، پٽ ۽ ڌيءَ فوت ٿي ويا آهن.
حادثي ۾ ميجر ارسلاني زخمي ٿي پيو جنهن کي مقامي اسپتال جي آءِ سي يو ۾ رکيو ويو آهي.
ذريعن موجب پاڪستاني سفارتخانو دستاويزي ڪارروائي مڪمل ڪري ميتون راولپنڊي روانو ڪندو.
پاڪستان جي سفير احمد فاروق فوت ٿي ويلن لاءِ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ زخمي جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.