سلمان خان جي ڪرسٽيانو رونالڊو سان گڏ باڪسنگ ميچ ڏسڻ جي وڊيو وائرل

بالي ووڊ اسٽار سلمان خان جي جڳ مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو سان گڏ باڪسنگ ميچ ڏسڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي.
سلمان خان تازو سعودي عرب جي شهر رياض ۾ ٽائسن فوري ۽ فرانسس نگانو وچ ۾ باڪسنگ ميچ ۾ شرڪت ڪئي.
سلمان خان جڳ مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ سندس گرل فرينڊ جارجينا روڊريگز سان گڏ ميچ جو لطف کنيو، جن جي تصوير ۽ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
وڊيو سلمان خان کي وي وي آءِ پي سيٽن تي ميچ مان لطف اندوز ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو ۽ جارجينا ان جي ڀر واري سيٽ تي ويٺي آهي، جڏهن ته ڪرسٽيانو رونالڊو جارجينا جي ٻئي پاسي کان ڀر واري سيٽ تي ويٺو آهي ۽ هن جو ڌيان مڪمل طور ميچ ڏانهن آهي.
سلمان ۽ رونالڊو کي گڏ ڏسي مداحن خوشي جو اظهار ڪيو ۽ تبصرا ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.