حزب الله پاران اسرائيل جي ٻئي اهم هنڌ تي حملي جي تياري

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوج ۽ لبناني حزب الله وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ شدت اختيار ڪري وئي آهي، فوجي ٿاڪن تي حملي جي جواب ۾ حزب
اسرائیلی فوج اور لبنانی حزب اللہ کے درمیان جاری کشیدگی شدت اختیار کرگئی ہے اسرائيلي حملن کان پوءِ حزب الله اسرائيلي فوج تي حملي جي تياري ڪري ورتي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب لبنان جي حزب الله سڀاڻي اسرائيل جي حدن ۾ موجود فوجي چوڪي العباد تي حملي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
حزب الله جي ٽيليگرام پيج تي ان موقضوع بابت وڊيو منظر ۽ لکت بيان جاري ڪيو ويو آهي.
وڊيو منظرن موجب العباد فوجي چوڪي تي اسرائيل جي ڪيبل ۽ وائرليس نيٽورڪ ۾ ڳجهون خبرون ٻڌڻدڙ ۽ سگنل خراب ڪندڙ سامان، ريڊارز ۽ ڪيمرا سسٽم تي ٻڌل مرڪز کي نشانو بڻايو ويو آهي.
واضح رهي ته اسرائيل ۽ لبنان سرحد تي 8 آڪٽوبر کان وقفي وقفي سان اسرائيلي فوج ۽ حزب الله وچ ۾ ڇڪريون ٿي رهيون آهن.
حملن ۾ حزب الله جي 46 ميمبرن سميت اسلامي جهاد تحريڪ جا 6، حماس 3، حزب الله جي حمايت يافتا سني مزاحمتي برگيڊ جا 2 ميمبر ۽ هڪ اخباري رپورٽر سوڌو 4 شهري شهيد ٿي چڪا آهن.
لبنان طرفان ڪيل حملن جي نتيجي ۾ 3 اسرائيلي فوج ۽ هڪ اسرائيلي شهري مارجي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.