لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) فلسطين ڄائي آمريڪي سپر ماڊل بيلا حديد غزا ۾ اسرائيلي جارحيت روڪڻ لاءِ آمريڪي صدر جو بائيڊن کي خط لکي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب بيلا حديد اسرائيلي جارحيت روڪڻ جي حمايت ڪندڙ فنڪارن جي نالن سان گڏ خط پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تان شيئر ڪيو.
بيلا حديد فلسطين ۾ انساني بحران تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي لکيو ته غزا تي ٿيندڙ بمباري تاريخ جي خطرناڪ ترين بمباري آهي.
سپر ماڊل لکيو ته اسرائيل سڄي غزا ۾ ٽيلي ڪميونيڪيشن ۽ بجلي بند ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب زخمين لاءِ ايمبولينس گهرائڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي.
سندس موجب طبي ماهر صحافين کان پڇي رهيا آهن ته ڪهڙي علائقي ۾ بمباري ٿي رهي آهي پر انٽرنيٽ جي بندش سبب صحافي به لاعلم آهن، غزا جي ماڻهن وٽ ڪو رستو ناهي بچيو، ٻار شهيد ٿي رهيا آهن، تنهن ڪري هاڻ جنگبندي ڪئي وڃي.
You might also like