نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي ارب پتي واپاري مڪيش امباني کي 20 ڪروڙ رپيا نه ڏيڻ جي صورت ۾ قتل جي ڌمڪي ڏيندڙ ماڻهن هاڻ 200 ڪروڙ رپيا گهري ورتا.
گذريل ڏينهن ڀارتي پوليس ٻڌايو هو ته مڪيش امباني کي اي ميل تي قتل جي ڌمڪي وصول ٿي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 20 ڪروڙ رپيا ادا ڪر نه ته اسان وٽ بهترين شوٽر آهن.
هاڻ ڀارتي ميڊيا موجب مڪيش امباني کي ان ئي اي ميل اڪائونٽ تان هڪ ٻي ڌمڪي وصول ٿي آهي.
ڀارتي پوليس موجب مڪيش امباني کان نئين ڌمڪي ۾ 200 ڪروڙ رپيا گهريا ويا آهن ۽ چيو ويو آهي ته گذريل اي ميل جو جواب نه ڏيڻ سبب رقم وڌائي وئي آهي.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته مڪيش امباني اڻڄاتل شخص خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي آهي.
You might also like