ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) عالمي شهرت رکندڙ هالي ووڊ اداڪارا ۽ انساني حقن جي سرگرم ڪارڪڪن اينجلينا جولي به غزا ۾ فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اداڪارا اينجلينا جولي چيو آهي ته اسرائيل ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو غزا جي شهري آبادي تي بمباري جو جواز نٿو ٿي سگھي، ڪجهه ٽرڪون غزا جون امدادي ضرورتون پوريون نٿيون ڪري سگھن.
اداڪارا طرفان غزا ۾ ٻارڻ ۽ پاڻي جي فراهمي روڪڻ کي گڏيل سزا قرار ڏيندي چيو ته غزا جي ماڻهن وٽ وڃڻ لاءِ نه ڪيا ٻي جاءِ آهي، نه خوراڪ تائين پهچ، نه نڪرڻ جو امڪان ۽ نه ئي سرحد پار ڪري پناهه وٺڻ جو بنياد حق موجود آهي.
بالي ووڊ اداڪارا وڌيڪ چيو ته غزا جي ڪُل آبادي 20 لک آهي جن ۾ اڌ ٻار آهن، جيڪي ٻن ڏهاڪن کان گھيري ۾ زندگي گھاري رهيا آهن.
You might also like