ڊپريشن ختم ڪرڻ لاءِ هي شيون کائو!

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ماهرن چيو آهي ته روز ٿورا خشڪ ميوا کائڻ سان ڊپريشن جو خطرو 17 سيڪڙو گھٽجي ويندو آهي.
برطانيا جي بائيوبينڪ جيڪو تقريبن 5 لک برطانوي شهرين جي طبي طرز زندگي جي رڪارڊ جو هڪ آن لائين ڊيٽا بيس آهي، جنهن جي تحقيق تجويز ڪري ٿي ته اڌ عمر ۽ وڏي عمر جا بالغ ماڻهو جيڪي روز 30 گرام خشڪ ميوا کائيندا آهن، انهن ۾ ذهني دٻاءُ جو خطرو گھٽ هوندو آهي.
خشڪ ميون ۾ اخروٽ، بادام، ڪاجو، هيزل نٽ ۽ پستا وغيرا شامل آهن. ماهرن ٻڌايو ڄاتو ته خشڪ ميوا کائڻ جو معمول بڻائيندڙ ماڻهن ۾ antidepressants دوائون استعمال ڪرڻ جو به گھٽ امڪان هوندو آهي.
ڄاڻايل مطالعو جرنل ڪلينيڪل نيوٽريسن ۾ ڇپيل آهي. جيتوڻيڪ ان جي وضاحت ناهي ڪئي وئي ته ائين ڇو ٿيندو آهي، محققن جي اڳڪٿي آهي ته خشڪ ميون جون سوڄ ختم ڪندڙ ۽ اينٽي آڪسيڊنٽ خاصيتون امڪاني طور تي حفاظتي اثر رکن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.