چنگان جون گاڏيون لکين رپيا سستيون، خريدارن جي رش

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چنگان ماسٽر موٽرز پاڪستان جي مقبول آٽو موبائيل ڪمپني آهي جنهن پنهنجي گاڏين جي اگهن ۾ لکين رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ خريدارن جو ڌيان ڇڪائي ورتو آهي.

چنگان پاران مختلف گاڏين جي ماڊلز جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

چنگان جي گاڏي اوشان ايڪس سيون فيوچر سينس جو اگهه وڌيڪ گهٽيو آهي، اوشان ايڪس سيون گاڏي اڍائي لک رپيا گهٽجڻ کانپوءِ 89 لک 49 هزار رپين جي ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت اوشان ايڪس سيون ڪمفرٽ اڍائي لک رپيا گهٽجڻ بعد 82 لک 99 هزار رپين جي ٿي وئي آهي جڏهن ته ايلسون لميئر 4 لک 50 هزار رپيا گهٽجي 45 لک 49 هزار رپين جي ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت ايلسون ڪمفرٽ ڊي سي ٽي 3 لک 50 هزار رپيا هٽجي 4349000 رپيا ٿي وئي آهي.

ايلسون ڪمفرٽ ايم ٽي 3 لک 50 هزار رپيا گهٽجي 3799000 رپين جي ٿي وئي آهي.

چنگان جي گاڏي ايم نائين شرپا 3 لک 50 هزار رپيا گهٽجي 21 لک 79 هزار رپين جي ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.