قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر وسيم جونيئر جي ڏکڻ آفريقا خلاف لڳايل ڇڪي اڳوڻي ڀارتي ڪپتان مهيندرا سنگهه ڌوني جي ياد تازي ڪري ڇڏي.
گذريل ڏينهن چنئي ۾ کيڏيل ميچ دوران پاڪستان جي وسيم جونيئر تبريز شمسي کي هيلي ڪاپٽر ڇڪو هنيو، جيڪو صفا اهڙو ئي هو، جيئن اڳوڻو ڀارتي ڪپتان ڌوني ڇڪا هڻندو هو.
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) به وسيم جونيئر ۽ ڌوني جي ڇڪي جي وڊيو شيئر ڪئي.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڌوني 2007 جي ورلڊ ڪپ ۾ هيلي ڪاپٽر ڇڪو هنيو، جڏهن ته وسيم جونيئر گذريل ڏينهن ان جهڙو ئي ڇڪو هنيو.
View this post on Instagram