ٽيڪس چوري جي حوالي سان جاري ڪيل ”گلوبل ٽيڪس ڪميشن رپورٽ“ ۾ چيو ويو آهي ته آف شور اڪائونٽس ۾ پاڪستانين جا 19 ارب 20 ڪروڙ ڊالرز موجود آهن، ۽ ان مان اڌ کان وڌيڪ رقم دبئي ۾ ريئل اسٽيٽ جي اندر سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي.
رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ليڪس کان پوءِ پاڪستانين وڏي انگ ۾ مي سوئس بينڪ مان پنهنجي رقم منتقل ڪئي آهي.
ان حوالي سان مالياتي معاملن جي ماهر ڊاڪٽر اڪرام الحق چيو آهي ته بينيفيشل آف شور جيڪو قانون بڻايو اهو پاڪستان ۾ به لاڳو ڪيو ويو ته جيڪڏهن اوهان جو ٻاهر ڪنهن به ڪمپني ۾ ڪو به بينيفيشل انٽريسٽ آهي ڀلي اهو ٽرسٽ جي شڪل ۾ هجي يا آف شور ڪمپني جي صورت ۾ ته اوهان ان کي ڊڪليئر ڪري ڇڏيو، ان جي حد رکي وئي هئي ته 10 سيڪڙو به اوهان جو انٽريسٽ آهي ته اوهان کي ان کي سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن ۽ انڪم ٽيڪس جي رٽرن ۾ ڊڪليئر ڪرڻو پوندو.
خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڊاڪٽر اڪرام الحق گلوبل ٽيڪس ڪميشن رپورٽ جي حوالي سان چيو ته ڇو جو اها رپورٽ پراڻي آهي ته ان ۾ جيڪي انگ اکر ٻڌايا ويا آهن اهي گھٽ آهن، ان ۾ گھڻو اضافو ٿيو آهي. پاڪستانين جي رڳو ڊڪليئرڊ رقم ئي ان کان وڌيڪ آهي، اسٽينڊنگ ڪميٽي جي آڏو جيڪو بيان ڏنو ويو هو ان وقت جي چيئرمين صاحب، اهو اهو ئي هو ته 74 ارب جا اثاثا ڊالرز جي صورت ۾ وائيٽ ٿيا آهن. هن چيو ته 120 بلين ڊالرز جو ته اندازو رکو ته ايترا مختلف شڪلن ۾ ٻاهر آهن.
هن چيو ته اسان کي اڃا ته ورجن آئيلينڊ بابت ته خبر به ناهي، ڇو جو پهرين جنوري 2024ع کان دنيا ۾ هڪ نئون قانون لاڳو ٿيندو جنهن ۾ ان ٽيڪس هيونز جو ڊيٽا ملڻ جو امڪان آهي.
سندس چوڻ هو ته پاناما ليڪس ۾ جن 475 ماڻهن جا نالا آيا هئا انهن 2018-19 ۾ ايمنسٽيز ذريعي سڀ وائيٽ ڪري ورتو، اها گھڻي افسوس جوڳي ڳالهه آهي جو هڪ اڪيلي ماڻهو کي نشانو بڻايو ويو ۽ ٻين کي ايمنستي ڏني وئي.
هن چيو ته اڃا ڊيڊ لائين رکي وئي آهي ته جيڪي ٽيڪس هيونز آهن اتي ڀلي اوهان جو ڪو ٽرسٽ هجي يا ڪمپني انهن کي بينيفيشل اونرز جا نالا ڏيڻا پوندا ۽ ڪنهن کي به اها ڊيٽا حاصل ڪرڻ جو حق هوندو.
سندس چوڻ هو ته ان سان وڏو گوڙ مچندو، جنوري ۾ پاناما کان وڏو اسڪينڊل اچڻ لاءِ تيار آهي.
Prev Post
You might also like