غزا (ويب ڊييسڪ) سوشل ميڊيا واهپيدارن ايلون مسڪ کان غزا لاءِ اسٽارلنڪ انٽرنيٽ جي فراهمي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون سروس جي بندش سبب غزا جو دنيا سان رابطو ڪٽيل آهي.
غزا ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون سروس جي بندش بعد ايلون مسڪ کان غزا لاءِ اسٽارلنڪ انٽرنيٽ فراهمي جو مطالبو وڌي ويوآهي.
اڳوڻي ٽوئيٽر۽ موجودا ايڪس تي اسٽارلنڪ فار غزا سڄي دنيا ۾ ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو، ايڪس تي ايلون مسڪ کان مطالبو ڪيو پيو وڃي ته غزا کي اسٽار لنڪ جي انٽرنيٽ فراهم ڪئي وڃي.
You might also like