اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) اختيارين ماهوار 50 هزار رپيا آمدني تي انڪم ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ٽيڪس ڇوٽ برقرار رهندي.
فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ۾ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ڳالهين جون تياريون جاري آهن.
اختيارين موجب آءِ ايم ايف سان نئون ٽيڪس لڳائڻ تي ڪا ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي ۽ گهٽ آمدني واري طبقي تي ٽيڪس لڳائڻ جو معاملو غور هيٺ نه ايندو.
ايف بي آر اختيارين ٻڌايو ته ماهوار 50 هزار رپيا آمدني وارن لاءِ انڪم ٽيڪس ڇوٽ برقرار رهندي، ساليانو 6 لک ڪمائيندڙن لاءِ ٽيڪس ڇوٽ ختم نه پئي ڪئي وڃي.
اختيارين چيو ته ٽيڪس ڇوٽ واپس وٺڻ بابت ڪا پاليسي يا تجويز غور هيٺ ناهي، عالمي بئنڪ موجوده 6 لک جي حد ۾ گهٽتائي جي تجويز نه ڏني.
اختيارين موجب زرعي شعبي کان حاصل آمدني تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ صوبائي معاملو آهي.
Next Post
You might also like