پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ چارجنگ اسٽيشن لڳائڻ جو فيصلو، معاهدو ٿي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آر اي سي گروپ آف پاڪستان چيني ڪمپني ”ٽي گڊ“ جي ڀائيواري سان پاڪستان اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ چارجنگ اسٽيشن لڳائيندي ٻنهي ڪمپنين وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحيون ڪيون ويون آهن.
سينيٽ چيئرمين صادق سنجراني به پاڪستاني وفد سان گڏ مفاهمتي يادداشت تي صحيحين جي تقريب ۾ شريڪ هو.
تقريب کي خطاب ڪندي صادق سنجراڻي چيو ته ان سهڪار جي نتيجي ۾ ٽين بيلٽ اينڊ روڊ فورم دوران چين طرفان پيش ڪيل جٽادار سبز ترقي جي قدمن سان اسٽريٽجڪ ڀائيواري قائم ٿي آهي.
هن چيو ته ان ڀائيواري ۾ هائڊروجن وهيڪل ٽيڪنالوجي، هائڊروجن فلنگ اسٽيشن انفراسٽرڪچر، اي وي جي پيداوار، بيٽري جي پيداوار، ري سائيڪلنگ سالوشنز ۽ اي وي چارجنگ افنراسٽرڪچر جي ترقي جهڙن شعبن ۾ ڪم جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.