اسرائيل فلسطين ڇڪتاڻ، ترڪ صدر جو دنيا کي سخت ۽ واضح پيغام

غزا (ويب ڊيسڪ) غزا تي اسرائيلي جارحيت بابت ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان سڄي دنيا کي سخت ۽ واضح پيغام ڏئي ڇڏيو.
استنبول ۾ فلسطينين سان يڪجهتي لاءِ ريلي ڪڍي وئي، ان دوران ترڪ صدر رجب طيب اردگان به خطاب ڪيو.
ترڪ صدر جو چوڻ هو ته حماس دهشتگرد تنظيم ناهي، سڄي دنيا کي ٻڌائينداسين ته اسرائيل جنگي ڏوهاري آهي.
هن چيو ته اسان تياري ڪري رهيا آهيون ته اسان اسرائيل کي جنگي ڏوهي قرارڏينداسين.
سندس چوڻ هو ته اسرائيل 22 ڏينهن کان سري عام جنگي ڏوهه ڪري رهيو آهي، اولهه اڳواڻن اسرائيل کي جنگ بندي ڪرڻ جو ناهي چيو.
ترڪ صدر چيو ته اسرائيلي فوج جي ظلمن پٺيان مرڪزي ڏوهاري اولهه جون طاقتون آهن.
هن چيو ته ترڪ عوام ليبيا ۽ ڪاراباخ ۾ ڏيکاريل عزمجيان ئي وچ اوڀر ۾ بيٺل هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.