ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسم جي تبديلي سبب انفلوئنزا وائرس ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿيڻ لڳي، ڪراچي جي اسپتالن ۾ نزلي، بخار ۽ کنگهه سان متاثر مريض جو وڏو انگ اچي رهيو آهي.
موسمي تبديلي سبب شهر ۾ انفلوئنزا وائرس جا روز سوين ڪيس رپورٽ ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته ارڙي ۽ چڪن پوڪس جي ڪيسن ۾ به تيزيءَ سان واڌ ٿي رهي آهي.
انفلوئنزا وائرس سان متاثر مريضن جو انگ تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي ۽ وڏي انگ ۾ نزلي، بخار ۽ کنگهه سان متاثر ماڻهو اسپتالن جو رُخ ڪري رهيا آهن.
صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته هر عمر جا ماڻهو ان سان متاثر ٿي رهيا آهن، والدين ٻارن جي ويڪسينيشن تي خاص ڌيان ڏين ۽ متاثر مريض کي گهر جي ٻين ڀاتين کان الڳ رکڻ کي ترجيح ڏني وڃي.
ماهرن موجب سرڪاري اسپتالن ۾ انفلوئنزا جي ويڪسين موجود ناهي، نزلي، زڪام ۽ بخار جي حوالي سان وقت سر علاج ۽ احتياط ڪري صورتحال تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو.
You might also like