سنڌ ۾ ته ڪو مقابلو ناهي، اسان جو ڌيان ٻين صوبن تي هجڻ گهرجي: آصف زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ايندڙ حڪومت پ پ جي هوندي، ڇو ته مسئلن جو حل رڳو پ پ وٽ آهي.
پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان پارٽي جي سينيئر اڳواڻن ملاقات ڪئي، جنهن دوران عام چونڊن ۽ سنڌ ۾ اڳتي جي سياسي حڪمت عملي تي غور ويچار ڪيو ويو.
ملاقات ۾ پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ وڌيڪ سيٽون حاصل ڪرڻ تي به گفتگو ٿي.
آصف علي زرداري پارٽي اڳواڻن کي چيو ته ايندڙ حڪومت پ پ جي هوندي، مسئلن جو حل رڳو پ پ وٽ آهي.
هن چيو سنڌ ۾ ته پ پ جو ڪو مقابلو ناهي، اسان جو ڌيان پنجاب، خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان تي هجڻ گهرجي.
پارٽي اڳواڻن چيو ته پ پ پنجاب ۾ سياسي حڪمت عملي تيار ڪئي آهي، نتيجا اڳ کان مختلف هوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.