کنگهه جو هي سيرپ استعمال نه ڪيو: ڊريپ خبردار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) کنگهه جي هڪ غير معياري دوا مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ڊريپ کنگهه جي دوا ڪيموڊرل جو هڪ بيچ غير معياري قرار ڏئي ڇڏيو.
ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي ڪيموڊرل سيرپ جو پراڊڪٽ ري ڪال الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، جيڪو شهرين، ڊاڪٽرن ۽ ڪيمسٽ سڀني لاءِ آهي.
ڊريپ الرٽ موجب ڪيموڊرل ٽن جزن سان تيار ڪيل کنگهه ۽ الرجي جو سيرپ آهي پر ان سيرپ ۾ سوڊيم سٽريٽ جو گهربل مقدار شامل ناهي، جنهن سبب اها دوا ري ايڪشن ڪري سگهي ٿي.
ڊريپ خبردار ڪيو آهي ته ان جي استعمال سان معدي ۾ تڪليف جي شڪايت ٿي سگهي ٿي ۽ الرجڪ ري ايڪشن سان گڏ ننڊ متاثر ٿي سگهي ٿي.
ڪيموڊرل ڪف سيرپ الڪيمي فارما حيدرآباد جو تيار ڪيل آهي، ڄاڻايل بيچ کي سينٽرل ڊرگ ليبارٽري ڪراچي غير معياري قرار ڏنو آهي، ڊريپ فارما ڪمپني کي متاثر بيچ مارڪيٽ ۾ سپلاءِ نه ڪرڻ ۽ موجود متاثر بيچ مارڪيٽ مان کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ڪيمسٽ کي چيو ويو آهي ته اهي ڪيموڊرل سيرپ جي متاثر بيچ جي سيل روڪڻ لاءِ اسٽاڪ چين ڪن ۽ اهو فارما ڪمپني کي واپس ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.