جمهوريت ۾ خاموشي ناهي هوندي، گوڙ ۽ ڳالهين سان حل نڪرندو آهي: مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد ( م ڊ ) سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جو چوڻ آهي ته جمهوريت ۾ خاموشي ناهي هوندي، گوڙ هوندو  آهي، ڳالهيون ٿينديون آهن ۽ پوءِ ئي حل نڪرندو آهي. وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پريس گيلري ۾ پهتو، سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي مرتضيٰ سولنگي چيو ته جمهوريت ۾ خاموشي ۽ سڪون ناهي هوندو، جمهوريت ۾ گوڙ، آواز ۽ ڳالهيون ٿينديون آهن ۽ پوءِ ئي حل نڪرندو آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته مان حڪومت جو ترجمان آهيان، ڪالهه جي پريس رليز حڪومت جي آهي، اسان گڏ آهيون، گڏجي مسئلا حل ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.