ازالو، علاج يا سمجھوتو؟

تحرير: عاصمھ شيرازي

خيال جي نواڻ ۾ ڪا تھ اڇوتي ڳالھه ھجي !! ساڳيائي پراڻا مضمون، اھي ئي پراڻا ورق بدلجي سامهون اچن ٿا.پراڻا نعرا نون لفظن ۾  ويڙھجي واپس موٽي اچن ٿا، پراڻيون  دعوائون نين پارٽين جي منشورن ۾ سمائجي سياسي ڪاڪٽيل جي صورت ۾ پيش ٿين ٿيون.

هاڻي بھ ملڪي محاذ تي  انداز ۽ احباب بدلجن ٿا،ڪڏھن ھڪڙو نظريو فاتح قرار ڏنو  وڃي ٿو تھ ڪڏهن ڪنھن بيانيي تي قبضو،”مفتوح سياسي جماعتون “ واھ واھ ۽ دادو تحسين جا ڏونڪا وسائين ٿيون ۽ مفاهمتي رويو اختيار ڪري وٺن ٿيون،تھ ڪڏھن وري کين مڃڻ ۾ نھ ايندڙ انداز سان نيڪالي ملي ٿي ۽’مزاحمت‘ جو روپ اختيار ڪري وٺن  ٿيون، فاتح ۽ مفتوح، غالب ۽ مغلوب،قابض ۽ مقبوض وچ ۾ سمجھوتو صرف مفادن جو ئي هوندو آهي.

ڪالهه هڪ جماعت عتاب ھيٺ ھئي ۽ ظاھر طور اھو محسوس ٿيندو ھو تھ  مسلم ليگ ن وري ڪڏهن به اقتدار ۾ نه اچي سگھندي.مون سميت ڪيترن ئي صحافين کي اڄ به راولپنڊي جون ٻه ٽي اهم بريفنگون ياد آهن.

تحريڪ انصاف لاءِ الفت ۽ محبت جا سمورا تقاضا پورا ٿي رھيا ھئا، ادارو ھڪ صفحي جي تياري لاءِ تن،من ۽ ڌن لڳائڻ تي لڳل ھو.اهڙي کليل نموني هڪ سياسي جماعت جي حمايت تھ وري ٻي کي چور ثابت ڪرڻ لاءِ طاقت جو استعمال ڪيو پئي ويو، نه ته ڪجھھ منظر عام تي اچڻ جو خوف ھو ۽ نه ئي ان کي لڪائڻ جي ڪا ڪوشش. محبت سڀ زنجير ٽوڙي چڪي ھئي ۽ اها محبوب کي ”پٿر“ سان نھ ماري واري ڳالهھ کي، پڪي ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پئي وئي،

سرويز کان وٺي ٽي وي پروگرامن تائين، سڀ ڪجهه ’مينيج‘ ڪيو پي ويو ۽ آخرڪار تحريڪ انصاف جي سونهري ڪاميابي  جي اميدن جو سج 26 جولاءِ 2018 تي اڀريو.”ھو جنھن کي چاھي عزت ڏئي ۽ جنھن کي چاھي ذلت“ جي شڪر ادائي جو ترجمان بڻيو.اھو سڀ ڪجھھ نئون نھ ھو پر حيران ڪندڙ ضرور ھو.

ائين ناھي تھ اڳ ڪڏھن چونڊن ۾ مداخلت نھ ٿي ھئي، سياسي پارٽيءَ جي سرپرستي نه ٿي هئي، ايئن بھ نھ هو ته ان کان اڳ ڪنگز پارٽيون نھ ٺهيون هيون، پر هي پهريون ڀيرو هو ته اهڙي نموني جي کليل حمايت ھجي.اھو حجاب تڏهن لٿو ۽ هاڻي… هاڻي شايد ان کان بھ اڳتي جو مرحلو آهي. يقين جي منزل مقتدره جي هٿ ۾ هئي ته ايندڙ ڪيترن ئي سالن جو بندوبست ٿي چڪو آھي ۽ متبادل قيد خانن ۾ وڌا وڃن.

وقت تيزيءَ سان بدليو،ايتري تيزيءَ سان جو ڪي ان کي تقدير جو ڦيرو چون ٿا ۽ ڪي وري مڪافات عمل، ميز جي چوڌاري ڪردار تبديل ٿي ويا،عتاب ۾ آيل، شڪرگذار قرار ڏنو ويو ۽ منظور نظر محفل مان دربدر..حضور! اها سياست نه پر سياست کان ٻاهر جي ڪا انوکي شيءَ آهي. سياست ناممڪن کي ممڪن بڻائڻ جي فن جو نالو آهي، پر اصل سياست جو گُر سياسي  پارٽين ۾ آھي ئي ڪٿي ؟

نوازشريف 13 جولاءِ 2018ع تي پنهنجي ڌيءَ مريم نواز سان گڏ وطن واپس موٽيو ۽کيس ڌيءَ سميت لاهور ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو. گرفتاري جا اهي منظر پنهنجي اکين سان ڏٺا. جهاز ۾ سوار نوازشريف جي جو خيال ھو تھ سمورو لاهور کيس ڏسڻ لاءِ اوچتو نڪري آيو ھوندو،پر جڏھن ھن جي نظر  ھوائي اڏي جي رن وي تي هڪ ننڍڙي جهاز ۽ هيلي ڪاپٽرتي پئي تھ سندس خواھش خدشن ۾ بدلجي وئي.بهرحال مان ان بابت پنج سال اڳ ساڳئي پليٽ فارم تان لکي چڪي آهيان، اها رڳو بدلجندڙ ماحول ۽ وقت جي نشاني آهي.

هن ڀيري جڏهن نوازشريف پاڪستان آيو ته اسلام آباد کان لاهور تائين ”رياستي استقبال“ ۽ ”انتنظام“ ھو. خواهش موجب عوام جو سمنڊ پڻ، ماڻهن جا ميڙ ۽ ڪبوترن جا وڳر زمين تي اچي لٿا ھئا.مينار پاڪستان تائين جو سفر شاندار ھو.جڏھن ڪيسن کان وٺي استقبال تائين جو عمل ’ان-ڊو‘ ٿي رهيو آهي، ’تيز ترين سزائن‘ کان ’تيز ترين  انصاف‘ تائين جو عمل جادوئي آهي.

سليٽ کي صاف ڪري نئون متن لکيو پيو وڃي، تنھن کي،ڪي ماڻهو ’ازالو‘ ڪي ’علاج‘ ۽ ڪي ’سمجهوتو‘ چئي رهيا آهن. هاڻي هن علاج ۽ازالي جي وچ ۾ جيڪو ڪجھھ ھو ان جو  فيصلو ڪيئن ٿيندو؟ ” تڏھن ۽ هاڻي“… تڏھن ۽ ھاڻي جي وچ ۾ اصل راند ڪھڙي ھئي ۽  ڪهڙو شرط آھي تھ  هاڻي وري ڪا نئين گيم نه ٿيندي؟ ڪالهه ڪهڙا واعدا هئا ۽ هاڻي ڪهڙا نوان عھد آهن؟

بهرحال نواز شريف ڪجهه ماڻھن جي لاءِ سرخرو ۽ ڪجهھ ماڻھن جي لاءِ معتوب ٿي ڪري واپس اچي چڪو آھي. نئين اننگز جي شروعات مينار پاڪستان کان  ٿي آھي. بدلي نھ وٺڻ جو وعدو آھي ۽ مفاھمت جي آرزو . ڏسون اھي آرزائون ۽ عھد ڪئين ٿا پورا ٿين خواب ۽ واعدا ڪيئن تڪميل ٿين ٿا؟

 

هن ڀيري جڏهن نوازشريف پاڪستان آيو ته اسلام آباد کان لاهور تائين ”رياستي استقبال“ ۽ ”انتنظام“ ھو. خواهش موجب عوام جو سمنڊ پڻ، ماڻهن جا ميڙ ۽ ڪبوترن جا وڳر زمين تي اچي لٿا ھئا.مينار پاڪستان تائين جو سفر شاندار ھو.جڏھن ڪيسن کان وٺي استقبال تائين جو عمل ’ان-ڊو‘ ٿي رهيو آهي، ’تيز ترين سزائن‘ کان ’تيز ترين  انصاف‘ تائين جو عمل جادوئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.