ڪراچي ۾ غير قانوني عمارتون ڪيرائڻ لاءِ رينجرز کان مدد طلب

ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي غير قانوني عمارتن کي ڊاهڻ ۽ سيل ڪرڻ لاءِ رينجرز جي مدد گهري ورتي.
سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل اسحاق کهڙو ڊائريڪٽر جنرل رينجرز کي ڊيموليشن آپريشن دوران مدد فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي.
درخواست ۾ ڪمشنر ڏکڻ، ايس ايس پي ۽ يوٽيلٽي ايجنسين کي قبضي ٿيل عمارتن کي ڊاهڻ/سيل ڪرڻ لاءِ خالي ڪرائڻ ۾ مدد جي فراهمي جو چيو ويو آهي.
درخواست ۾ لکيو ويو آهي ته انهن قبضي ڪيل عمارتن کي ڊاهڻ ۽ سيل ڪرڻ لاءِ 30 آڪٽوبر سومر ڏهاڙي اوهان جي مدد جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.