رانديگرن کي 5 مهينن کان پگهار ناهي ملي، راند خاڪ کيڏندا؟ راشد لطيف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستاني ٽيم جي رانديگرن کي گذريل 5 مهينن کان پگهار نه ملي آهي ته پوءِ رانديگر ڇا کيڏندا، جڏهن ته بابر اعظم ٻن ڏينهن کان چيئرمين پي سي بي کي ميسيج ڪري رهيو آهي پر هو جواب نه ٿو ڏئي.

پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ميچ کان اڳ هڪ سوال جي جواب ۾ راشد لطيف چيو ته بابر اعظم ٻن ڏينهن کان چيئرمين پي سي بي کي پيغام موڪلي رهيو آهي پر هو جواب نه پيو ڏئي.

ان کانپوءِ اوهان پريس رليز جاري ڪيو ٿا ۽ رانديگرن کي چئو ٿا ته جيڪو سينٽرل سائن ڪيو آهي ان کي اسان ٻيهر ڏسنداسين ۽ سينٽرل ڪانٽريڪٽ مڃڻو آهي يا نه، پنجن مهينن کان رانديگرن کي پگهار نه ملندي ته ڇا کيڏندا؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.