وارن کي رنگ ڪرڻ کان بچو، موري جو تيل بهترين متبادل

عمر وڌڻ سان يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري ننڍي عمر ئي وار اڇا ٿيڻ سبب ماڻهن ڳڻتي ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن جنهن کي لڪائڻ لاءِ وارن کي رنگ ڪرڻ ڳالهه ڳالهه آهي.
ان کانسواءِ اڄ ڪالهه فيشن لاءِ به وارن کي رنگ ڪرايو ويندو آهي ۽ ائين هڪ يا ٻه ڀيرا نه پر ڪيترائي ڀيرا ڪيو ويندو آهي جيڪو يقينن وارن جي صحت لاءِ نقصانڪار آهي.
خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ مشهور ڊرماٽولوجسٽ ڊاڪٽر خرم مشير ناظرين کي وارن کي ڊاءِ ڪرڻ جي طريقي ۽ انهن جي صحتجي حوالي سان اهم ۽ فائديمند مشورا ڏنا.
هن ٻڌايو ته وارن کي رنگ ڪرائڻ هاڻ گھڻو سولو ٿي ويو آهي پر اهو ڄاڻي وٺو ته اهو مستقل حل ناهي، پهريان ماڻهو وارن ۾ تيل لازمي لڳائيندا هئا پر هاڻ ان جو رجحان نه هجڻ جي برابر آهي.
موري جو تيل بڻائڻ جو طريقو
ڊاڪٽر خرم مشير جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اوهان جا وار اڇا ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن ته موري جو تيل استعمال ڪريو، ان کي تيار ڪرڻ جو طريقو اهو اهي ته اڌ ڪلو مري جي تيل ۾ چمچا سرمو ۽ چار چمچا اجوائن ان کانسواءِ ٿوري ڪلونجي ۽ هڪ چپٽي گلابي لوڻ شامل ڪريو.
هن ٻڌايو ته انهن سڀني شين کي گڏائي سٺي طرح پچائي وٺو ۽ ان کي هڪ بوتل ۾ ڀري هڪ ڏينهن لاءِ اُس ۾ رکي ڇڏيو.
ڊاڪٽر خرم ٻڌايو ته ان تيل سان وارن ۾ سٺي طرح مالش ڪريو ۽ ان سان وارن جي اڇاڻ جو خاتمو ٿيندو ۽ نوان ايندڙ وار به ڪارا هوندا ان دوران ڪاٺي جي ڦڻي استعمال ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.