ڏکڻ آفريقا دلچسپ مقابلي کانپوءِ پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي

چنئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي 26هين ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا دلچسپ مقابلي کانپوءِ پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي.
چنئي ۾ پاڪستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، قومي ٽيم 46.4 اوورن ۾ 270 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.
پاڪستان طرفان سعود شڪيل 52 ۽ ڪپتان بابر اعظم 50 رنسن جي اننگز کيڏي، شاداب خان 43، محمد رضوان 31، محمد نواز 24، افتخار احمد 21، امام الحق 12 رنسون ٺاهيون.
ڏکڻ آفريقا جي تبريز شمسي 4، مارڪو جانسن 3، ڪوٽزي 2، لنگي نگيڊي هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ ڏکڻ آفريقا دلچسپ مقابلي کانپوءِ گهربل هدف 47.2 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.
پروٽيز طرفان ايڊن مارڪرم 91 رنسن جي زبردست اننگز کيڏي، ڊيوڊ ملر 29، ڪپتان باووما 28، ڊي ڪوڪ 24، وين ڊر ڊوسن 21، مارڪو جانسن 20 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان شاهين آفريدي 3، حارث رئوف، محمد وسيم ۽ اسامه مير 2-2 وڪيٽون ورتيون.
ان شڪست کانپوءِ پاڪستان جا سيمي فائنل ۾ پهچڻ جا امڪان وڌيڪ گهٽجي ويا، جڏهن ته ڏکڻ آفريقا جي ٽيم 6 مان 5 ميچون کٽي پوائنٽس ٽيبل تي پهرين پوزيشن تي اچي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.