قبض سان سلهاڙيل مسئلا ختم ڪرڻ لاءِ هي شربت پيئو

صحتمند جسم لاءِ هاضمي جو نظام بهتر ٿيڻ گھڻو ضروري آهي، ۽ جيڪڏهن ائين نه ٿئي ته هو بيچيني جي ڪيفيت جو سبب بڻبو آهي.

جيتوڻيڪ سمهڻ کان اڳ انهن ٽوٽڪن جو استعمال سڌي ريت قبض جو علاج نٿو ڪري سگھي، پر اهو علامتن کي گھٽائڻ يا ڪجهه سڪون فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي.

سمهڻ کان اڳ هي شربت پيئڻ قبض جهڙا مسئلا ختم ڪري سگھي ٿو.

ادرڪ جي چانهه

ادرڪ کي هاضمي جي نظام لاءِ بهترين چيو ويندو آهي، اهو سوڄ ختم ڪرڻ سان گڏوگڏ حيانءُ ڪچو ٿيڻ جي ڪيفيت به ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي.

ان لاءِ ادرڪ جي هڪ ٽڪري کي پيسي گرم پاڻي ۾ 10 منٽن تائين پچايو ۽ سمهڻ کان اڳ ان کي پي ڇڏيو.

ليمي جو پاڻي

ليمي کي هاضمي جي نظام لاءِ فائديمند چيو ويندو آهي اهو هاضمي جي نظام جي انزائمز کي متحرڪ ڪندو آهي.

سمهڻ کان اڳ هلڪي گرم پاڻي ۾ اڌ ليمو نپوڙي پيئڻ قبض جهڙن مسئلن کي ختم ڪرڻ ۾ گھڻو اثرائتو آهي.

ڦودني جي چانهه

ڦودني ۾ موجود مينٿول معدي کي آرام ڏيندو آهي. اهو هاضمي جي سان سلهاڙيل مسئلن کي گھٽائيندو آهي.

ان لاءِ ڦودني جي پنن کي گرم پاڻي ۾ 5 منٽن لاءِ ڀڄائي ڇڏيو ۽ سمهڻ کان اڳ ان چانهه کي پيئڻ چهري جي کَلَ کي تازگي ڏيندو آهي.

هيڊ وارو کير

هيڊ ۾ سوڄ ختم ڪندڙ خاصيتون هونديون آهن جيڪي آنڊن کي سڪون ڏئي سگھن ٿيون، سمهڻ کان اڳ هلڪي گرم کير ۾ هڪ چانهه جو چمچو هيڊ ۽ چپٽي ڪارا مرچ وجهي پيئڻ صحت لاءِ گھڻو فائديمند آهي.

ڪنوار ٻوٽي جيل

ڪنوارٻوٽي جيل سوڄ گھٽائڻ ۽ آنڊن جي صحت کي هٿي ڏيڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪندي آهي.

سمهڻ کان اڳ هڪ انچ تازي ڪنوار ٻوٽي جي جيل کي پاڻي سان گڏ پيئڻ انساني صحت کي فائدا ڏيندو آهي.

صوف جو سرڪو

صوف جي سرڪي کي هاضمي جي نظام سان سلهاڙيل مسئلن جي حل لاءِ بهترين چونڊ چيو ويندو آهي. اهو نه رڳو هاضمي جي نظام کي بهتر بڻائيندو آهي پر معدي ۾ تيزابيت جي سطح کي به بحال ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي.

سمهڻ کان اڳ 1 يا 2 چمچا صوف جو سرڪو گرم پاڻي ۽ ماکي سان گڏائي پيئو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.