حيدرآباد يونين آف جرنسلٽس جي مرڪزي سڏ تي ڄامشورو ۾ صحافين سول سوسائٽي ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن صحافي شهيد جان مهر جا قاتل گرفتار نه ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو آهي.
ايڇ يو جي جي مرڪزي اڳواڻن لالا رحمان سمون، خالد کوکر، اقبال ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌ يونيورسٽي سي اين جي اسٽيشن کان ريلي ڪڍي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو.
ان موقعي تي اڳواڻن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته ٻه مهينا گذرڻ باوجود شهيد جان محمد مهر جي هڪ به قاتل کي گرفتار ناهي ڪيو ويو جيڪو حڪومت ۽ پوليس آڏو سواليا نشان آهي.
هنن چيو ته سڄي سنڌ جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سراپيا آحتجاج بڻيل آهي پر پوليس هن وقت تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو.
احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪري صحافين کي تحفط فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.