ڀان سيدآباد: برهماڻي برادري جو حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

ڀان سيدآباد ۾ برهماڻي برادري پاران حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي.

برهماڻي برادري جي ماڻهن پاران انور، غلام رسول، شفيق محمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڀان ٿاني آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته 3 ڏينهن اڳ ڀان باءِ پاس تي چنا برادري جي هٿياربندن سر عام اسان جي دڪان تي چڙهائي ڪري فائرنگ ڪئي جنهن ۾ ڪبير، غلام رسو ۽ ٻيا زخمي ٿيا هئا.

هنن چيو ته ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي جڏهن ته جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي جوابدارن کي گرفتار ڪري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.