شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي، شهيد بينظير آباد ۾ ”ماحولياتي تبديلين جا زرعي پيداوار تي اثر“ جي عنوان هيٺ هڪ ڏينهن وارو تحقيقي آگاهي سيمينار ڪوٺايو ويو.
فيڪلٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي ماليڪيولر اينڊ جينيٽڪس شعبي، سنڌ حڪومت جي زرعي تعليم توسيع کاتي، سنڌ انوائرنمينٽ پروٽيڪشن ايجنسي ۽ آبادگارن جي سهڪار سان ڪوٺايل سيمينار جي صدارت يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي ڪئي.
سيمينار ۾ زرعي ماهرن، محققن، آباد گارن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
سيمينار کي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي جو چوڻ هو ته فصلن جي تحفظ لاءِ يونيورسٽي ۽ ريسرچ انسٽيٽيوٽ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن مختلف فصلن جي پيداوار ۾ اضافو ٿي سگهي. اسان کي زرعي سڌارا اڻڻ لا۽ سوچ کي وڌائڻو پوندو ۽ عالمي طور تي فصلن جي پيداوار کي بيمارين کان بچائڻ لا۽ کنيل قدمن کي استعمال ڪرڻو پوندو.
ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر دلشاد عمراڻي سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته سماجي شعور لاءِ ان قسم جا ريسرچ سيمينار منعقد ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي.
پروگارم آرگنائيزرپروفيسر ڊاڪٽر لياقت علي زرداري، ڊاڪٽر وزير علي ميتلو، ڊاڪٽر نادر علي رند، محمد رمضان چنا، گل امير، حسنين خان جعفري، عبدالحميد لوڌي، علي رضا ۽ ٻين محققن ۽ آباد گارن جو چوڻ ته شهيد بينظير آباد صنعتن ۽ ماحولياتي تحفظ واري ايجنسي کي پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو ته جيئن اسان جا هاري ۽ شاگرد پيداواري ٽيڪنالاجيءَ جي ڄاڻ کي شيئر ڪن.
هنن چيو ته ماحولياتي تبديليءَ جا اثر ضلعي ۾ زرعي فصلن جي پيداوار تي پون ٿا. زرعي فصلن جي ٽيڪنالاجي جي بهتر استعمال لاءِ ۽ ڪيميائي ۽ موسمياتي تبديليءَ جي خطرن کي گهٽائڻ لاءِ بهتر قدم کنيا ويندا.