نيب طرفان نواز شريف کان معافي وٺڻ جو فيصلو!

لاهور (عوامي آواز نيوز) نيب چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) نظير احمد بٽ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو آهي، جنهن ۾ نواز شريف خلاف داخل العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ چيو ويو ته ريفرنس سياسي بنيادن تي دٻاءَ تحت داخل ڪيا ويا هئا.

ان ڪري اهي واپس ورتا وڃن ٿا ۽ معذرت ڪئي وڃي ٿي، دٻاءَ تحت ريفرنس داخل ٿيڻ جي شهادت طور مرحوم جج ارشد ملڪ جي ويڊيو به عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي ۽ غلطيءَ جي معافي ورتي ويندي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 26 آڪٽوبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.