سنڌ جي تعليمي بورڊن ۾ اهم تبديلي ڪئي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليمي بورڊن جي 5 سربراهن کي عهدن تان هٽايو ويو، جن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جا اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ، ميرپورخاص، سکر ۽ لاڙڪاڻي جا بورڊ شامل آهن.
سنڌ جي تعليمي بورڊن ۾ اهم تبديلي ڪئي وئي، جنهن تحت بورڊن جي سربراهن کي عهدن تان هٽايو ويو آهي.
سرچ ڪميٽي جي بنا ڀرتي ڪيل سنڌ جي 5 تعليمي بورڊن جي چيئرمينز کي ڪم کان روڪيو ويو، بورڊز اينڊ يونيورسٽيز کاتي عدالتي فيصلي تي 5 چيئرمينز کي عهدن تان هٽائي ڇڏيو آهي ۽ کين آفيس وڃڻ کان روڪيو ويو، جنهن جو باقاعده نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
جن چيئرمينز کي ڪم کان روڪيو ويو، جنهن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جا اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊز، ميرپورخاص، سکر ۽ لاڙڪاڻي جا بورڊز شامل آهن.
سنڌ هاءِ ڪورٽ سرچ ڪميٽي جي بنا ڀرتي ڪيل چيئرمينز جي مقرري غير قانوني قرار ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.