”افغانستان هٿان شڪست تي سڀ رانديگر ڏکويل آهن“

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽنگ ڪوچ اينڊريو پٽڪ جو چوڻ آهي ته گذريل ٻه ڏينهن ڏکيا گذريا آهن، شڪست تي رانديگر ڏاڍو ڏُکويل آهن، هاڻ سڀني جون نظرون جمعي واري ميچ تي آهن، اسان کي سٺي ڪرڪيٽ کيڏڻي پوندي.

چنائي ۾ نجي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽنگ ڪوچ اينڊريو پٽڪ چيو ته ڏکڻ آفريڪا بهترين فارم آهي، اسان کي بهترين راند جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، اسان کي مستحڪم پلان سان ميدان تي لهڻو پوندو، هر بال تي مقابلو ٿيندو.

هن چيو ته پاڪستان ٽيم ۾ به معياري بيٽرز موجود آهن، هر پليئر جو بيٽنگ ۾ پنهنجو انداز آهي، مون کي بيٽز جي صلاحيتن تي ڪو شڪ نه آهي.

بيٽنگ ڪوچ چيو ته ڏکڻ آفريڪا خلاف هاڪاري سوچ سان ميدان تي لهڻو پوندو، پاڪستان ٽيم ۾ وڏو ٽوٽل ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، گيم پلان تي ڪليئر هئڻ ۽ عمل ڪرڻ گهڻو اهم آهي.

سندس چوڻ هوته ٽيم طور جتي اسان کي هجڻ گهرجي اتي ناهيون، خواهش آهي ته پاڪستان پاور پلي ۾ بهتر بيٽنگ ڪري، سعود شڪيل لاجواب ٽيلينٽ آهي، هو اهم پوزيشن تي بيٽنگ ڪري رهيو آهي.

بيٽنگ ڪوچ چيو ته پاڪستان وٽ هاڻ به موقعو آهي، اسان کي پنهنجي بهترين راند جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، اميد آهي ته جمعي واري ميچ سان اسان لاءِ شيون بهتر ٿي وينديون.

ياد رهي ته ميگا ايونٽ ۾ پاڪستاني ٽيم 14 آڪٽوبر تي ڀارت، 20 آڪٽوبر تي آسٽريليا ۽ وري 23 آڪٽوبر تي افغانسان هٿان شڪست کانپوءِ ورلڊ ڪپ سيمي فائنل ۾ ڪواليفاءِ ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.

پاڪستان هاڻ 27 آڪٽوبر تي پنهنجي ايندڙ ميچ ۾ چنائي جي ايم چدمبرم اسٽيڊيم ۾ ٽورنامينٽ جي مضبوط ترين ٽيم ڏکڻ آفريڪا خلاف ميدان تي لهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.