چين جو بچاءَ وارو وزير عهدي تان برطرف

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي بچاءَ واري وزير لي شانگ فو کي عهدي تان برطرف ڪيو ويو آهي.
چين جي سرڪاري خابرو ايجنسي شانگ فو کي عهدي تان هٽائڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي پر کيس عهدي تان هٽائڻ جو سبب ناهي ٻڌايو ويو.
ٻي پاسي چين جي اسٽينڊنگ ڪميٽي 14 هين نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اجلاس ۾ چين جي اڳوڻي پرڏيهي وزير چن گانگ کي به ڪابينا مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
چيني ميڊيا موجب چن گانگ کي اسٽيٽ ڪائونسل جي عهدي تان اڳ ئي برطرف ڪيو ويو هو.
ان کان اڳ چين جي سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي واري وزير وانگ زيگنگ ۽ ناڻي واري وزير ليوڪن کي به ڪابينا مان فارغ ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.