اسرائيل کي شڪست ڏيڻ لاءِ حزب الله، حماس ۽ اسلامي جهاد سندرا ٻڌي ورتا

بيروت (ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي خلاف جنگ ۾ حقيقي ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ حزب الله، حماس ۽ اسلامي جهاد جي اعليٰ قيادت سندرا ٻڌي ورتا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب حزب الله جي سربراهه شيخ حسن نصر الله حماس ۽ اسلامي جهاد جي اعليٰ قيادت سان ملاقاتن ۾ اسرائيل خلاف جاري جنگ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
حزب الله طرفان جاري ڪيل مختصر پڌرائي موجب ملاقات ۾ شيخ حسن نصرالله، حماس جو نائب سربراهه صالح العروري ۽ اسلامي جهاد جوسربراهه نخاله موجود هو.
پر اهو ناهي ٻڌايو ويو ته اها ملاقات ڪٿي ٿي.
پڌرائي موجب ملاقات ۾ جائزو ورتو ويو ته جنگ ۾ عالمي برادري ڪٿي بيٺل آهي ۽ مزاحمت لاءِ ڌرين کي ڇا ڪرڻ گھرجي ته جيئن غزا ۽ فلسطينين کي حقيقي ڪاميابي ملي ۽ وحشياڻي جارحيت کي روڪيو وڃي.
ان ڏس ۾ وڌيڪ ٻڌايوويوته هم آهنگي کي بقرار رکڻ لاءِ اڳواڻن ۾ اتفاق ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.