ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ٽريفڪ چالان جي رقم ۾ ڳري واڌ ڪري ڇڏي، قانون ٽوڙيندڙن تي پهرين نومبر کان ڳرا ڏنڊ لڳندا.
ڪراچي ۾ ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ هوشيار ٿي وڃن، سنڌ حڪومت ٽريفڪ قانونن تي عملدرآمد لاءِ ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙين جي مد ۾ چالانن ۾ وڏي واڌ ڪري ڇڏي.
پهرين نومبر کان ٽريفڪ پوليس هر روڊ تي شهرين جا چالان ڪندي نظر ايندي، ون وي جي ڀڃڪڙي تي موٽر سائيڪل سوار تي ٻه هزار، گاڏي تي 3 هزار رپيا ڏنڊ هوندو.
هيلمٽ استعمال نه ڪرڻ تي موٽر سائيڪل سوار تي 500 رپيا، هيڊ لائٽ نه ٻرڻ تي موٽر سائيڪل سوار تي 600 رپيا، گاڏي تي 800 رپيا ڏنڊ هوندو.
روڊن تي ٽريفڪ سگنل ٽوڙيندڙ موٽر سائيڪل ۽ ڪار سوارن تي 500 رپيا ڏنڊ لڳندو، سنگين شيشي واري گاڏي جي چالان جي مد ۾ 1200 رپيا ادائيگي ڪرڻي پوندي، لائسنس بنا موٽر سائيڪل روڊ تي آڻيندڙ تي هڪ هزار، ڪار ڊرائيور تي 1500 رپيا ڏنڊ هوندو، جڏهن ته ننڍي عمر ۾ موٽر سائيڪل هلائڻ تي 1500 رپيا ۽ گاڏي واري تي ٻه هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ٿيندو.
You might also like