اسڪول جي زبون حاليءِ واري عوامي آواز جي خبر تي ڊي سي بدين جو نوٽيس

ڊپي ڪمشنر بدين مڊل اسڪول حاجي علي محمد کوسو جي زبوليءَ جي خبر عوامي آواز ۾ لڳڻ بعد نوٽيس وٺي ڇڏيو.

ڊپٽي ڪمشنر بدين عبدالفتاح ھليو مڊل اسڪول حاجي علي محمد کوسو پھچي اختيارين کي اسڪول جو مرمتي ڪم ڪرائڻ ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

عبدالفتاح هليو اسڪول جي بلڊنگ جو معائنو ڪيو ۽ جهوپڙي ۾ پڙهندڙ ٻارڙن کان سوال ڪيا.

هن چيو ته اسان جي پھرين ترجيح تعيلم جي بھتر لاءِ قدم کڻڻ آھي، تعيلمي اداري اندر ٻارڙن جو تعداد ڏسي خوشي ٿي ته جلد اسڪول جي بلڊنگ جو ڪم ڪرايو ويندو.

سندس چوڻ هوته عوامي آواز عوام جي  مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ وڏو ڪم ڪري رھي آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.