پاڪستان جو غوري ويپن سسٽم جي ٽريننگ لانچنگ جو ڪامياب تجربو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان غوري ويپن سسٽم جي ٽريننگ لانچنگ جو ڪامياب تجربو ڪيو جنهن جو مقصد اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ جي آپريشنل ۽ ٽيڪينڪي تياري کي پرکڻ هو.

آءِ ايس پي آر موجب، ڪمانڊ اي ايس ايف سي، آرمي اسٽريٽجڪ فورسز جي تربيت ۽ آپريشنل تيارين جي معيار کي ساراهيو، ٽيسٽ جي عڪاسي ميدان ۾ هٿيارن واري نظام جي مهارت ۽ آپريشنل ۽ ٽيڪنيڪي مقصد حاصل ڪرڻ سان ٿيندي آهي.

صدر، وزيراعظم، چيئرمين جوائنٽ چيفس ۽ سروسز چيفس تربيتي لانچ جي ڪامياب تجربي جي موقعي تي شريڪ آفيسرن، سائنسدانن ۽ انجينيئرن کي مبارڪباد ڏني.

لانچنگ جو مشاهدو ڪماندڙ آرمي اسٽريٽجڪ فورس ڪمانڊ، اسٽريٽجڪ فورسز جي سينيئر آفيسرن، اسٽريٽجڪ تنظيم جي سائنسدانن ۽ انجينيئرن ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.