سنڌ ۾ ڪيئي اڻ رجسٽرڊ اين جي اوز جي منفي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ ۾ اڻ رجسٽرڊ سماجي تنظيمن جي ناڪاري سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، رڳو حيدرآٻاد ۾ ڪم ڪندڙ 10 تنظيمن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.

ميڊيا رپورٽ موجب، حيدرآباد جي 10 اڻ رجسٽرڊ سماجي تنظيمن جي ڪريڪ ڊائون لاءِ سوشل ولفيئر ڊپارٽمينٽ طرفان خط لکيو ويو آهي.

سوشل ويلفيئرڊپارٽمينٽ طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته حيدرآٻاد سماجي اتحاد، هيومن رائٽس حيدرآباد، آءِ اون حيدرآباد، هيومن رائٽس ايڊوڪيسي ويلفيئرآرگنائزيشن رجسٽرڊ نه آهن جڏهن ته پاڪستان انٽرنيشنل هيومن رائٽس، هيومن رائٽس ڪائونسل حيدرآباد به شڪي تنظيمن ۾ شامل آهي.

خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته هيومن رائٽس ڊيولمپينٽ آرگنائزيشن، ٽيلنٽ ٽيم حيدرآباد به رجسٽرڊ تنظيمون نه آهن، انيسا سوشل ورڪرز ٽيم ۽ هيومن ڪيئر آرگنائزيشن به منفي سرگرمين ۾ ملوث رهي آهي.

سوشل ويلفيئرکاتي طرفان ڊي سي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي کي لکيل خط ۾ تنظيمن جي سرگرمين جي جاچ ڪري رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.