حڪومت جو عمران خان کي اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ڪرڻ کان انڪار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نگران حڪومت پي ٽي آءِ چيئرمين کي اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي،پنجاب پوليس سيڪيورٽي رسڪ قرار ڏنو ته اليڪشن ڪميشن رمارڪس ڏانا ته گهرو وزارت جيڪڏهن هڪ شخص کي سيڪيورٽي نٿي ڏئي سگهي ته چونڊون ڪيئن ڪرائندي؟ ڪميشن وفاقي گهرو سيڪريٽري کي طلب ڪري ورتو.

اليڪشن ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين، اسد عمر ۽ فواد چوڌري خلاف توهينِ اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل شعيب شاهين، فواد چوڌري، اسد عمر پيش ٿيا، حڪومت عمران خان کي اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ان تي پي ٽي آ ءِ جي وڪيل چيو ته اڄ اليڪشن ڪميشن حقيقي توهين اڄ ٿي آهي.

گهرو وزارت طرفان اي آءِ جي آپريشنز پنجاب پوليس ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين بابت رپورٽ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائيندي چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي حياتي کي خطرو آهي، هو پاڻ به ان جو اظهار ڪري چڪو آهي.

اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جيڪو چوندو آهي اوهان کي يقين آهي ته صحيح چوندو آهي؟ اوهان پي ٽي آءِ چيئرمين کان اِهو لکرائي اچو ته مان معذرت ڪيان ٿو.

اي آءِ جي آپريشنز چيو ته اليڪشن ڪميشن اڊيالا جيل وڃي ڪيس جي ٻڌڻي ڪري، پنڊي ڳتيل آبادي تي ٻڌل آهي، خطرن کان خالي ناهي.

ان تي اليڪشن ڪميشن چيو ته اوهان ڪيئن اسان کي حڪم ڏئي سگهون ٿا ته اسان اڊيالا ۾ ٻڌڻي ڪيون، گهرو وزارت جيڪڏهن هڪ شخص کي سيڪيورٽي نٿي ڏئي سگهي ته چونڊون ڪيئن ڪرائندي؟.

اليڪشن ڪميشن گهرو وزارت جي سيڪريٽري کي طلب ڪندي ٻڌڻي 13 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين جا اڄ لاءِ پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.