ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ سون جي اگهه معمولي لاٿ آئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون چار سئو رُپيا سستو ٿيڻ بعد ٻه لک نوَ هزار ٻه سئو رُپين جو ٿي ويو آهي.
ڏهه گرام سون جي قيمت 343 رپين جي لاٿ کانپوءِ هڪ لک 79 هزار 355 رپيا آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 26 ڊالر سهانگو ٿيڻ بعد 1975 ڊالز جو ٿي ويو آهي.