تل ابيب (ويب ڊيسڪ) وچ اوڀر ۾ فلسطينين جي حق ۾ وڌندڙ مظاهرن سبب اسرائيل مصر، اردن، مراڪش، بحرين ۽ ترڪيه ۾ پنهنجا سفارتخانا خالي ڪري ڇڏيا.
سڄي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ فلسطينين تي اسرائيلي بربريت خلاف مظاهرا شدت اختيار ڪندا پيا وڃن جنهن سبب اسرائيل مصر، اردن، مراڪش، بحرين ۽ ترڪيي ۾ سفارتخانا خالي ڪري ڇڏيا.
ٻي پاسي اسرائيلي فوج خلاف لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله جا حملا به جاري آهن ۽ ڪيترن ئي ٿاڪن ۽ جاسوسي اوزارن کي نقصان پهتو آهي جڏهن ته القسام برگيڊ به اسرائيل تي 30 کان وڌيڪ راڪيٽ فائر ڪيا.
You might also like