سي پيڪ سان صنعتي ترقي، روزگار، معدنيات ۽ آءِ ٽي کي هٿي ملندي: نگران وزيراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته سي پيڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي، خنجراب بارڊر پاڪستان ۽ چين کي هڪٻئي سان ملائي ٿو، سي پيڪ بي آر آءِ تحت هڪ جامع منصوبو آهي.

سنڪيانگ يونيورسٽي جي استادن ۽ شاگردن کي خطاب ڪندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان چين سان لازوال اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.

سندس چوڻ هو ته سنڪيانگ رڳو واپاري ۽ مواصلاتي راهداري نه پر ٻن قومن کي جوڙڻ جو سبب به آهي، پاڙيسري هئڻ سان گڏوگڏ گڏيل ثقافت سبب سنڪيانگ پاڪستانين جي دلين ۾ خاص اهميت رکي ٿو.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته خنجراب بارڊر پاڪستان ۽ چين کي هڪٻئي سان ملائي ٿو، سي پيڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي، سي پيڪ بي آر آءِ تحت هڪ جامع منصوبو آهي.

هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ رابطن سان علائقائي امن کي هٿي ملندي، سي پيڪ ۾ گوادر کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي، سي پيڪ سان صنعتي ترقي، روزگار، معدنيات ۽ آءِ ٽي کي هٿي ملندي، خنجراب ۽ سوست بارڊر واپار لاءِ وڌيڪ سهولتن جي فراهمي لاءِ پرعزم آهن.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سنڪيانگ يونيورسٽي ۾ شاگردن سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چيو ته ڪوشش آهي ته وڌ کان وڌ پاڪستاني شاگرد سنڪيانگ ۾ تعليم حاصل ڪن، سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ٻه طرفا قدم کنيا ويندا.

سندس چوڻ هو ته چين انتهائي خوبصورت ملڪ ۽ سٺن ماڻهن جو معاشرو آهي، چيني شاگرد پاڪستان ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ گڏيل ڀائيواري وقت گذرڻ سان گڏوگڏ مستحڪم کان مستحڪم ٿيندي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.