فوجي عدالتن ۾ سويلينز جا ٽرائل ۽ عام چونڊن بابت ڪيسز، سُپريم ڪورٽ مان وڏي خبر اچي وئي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل خلاف ۽ عام چونڊن وارا ڪيس سُپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن.

چيف جسٽس پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس سردار طارق مسعود ۽ جسٽس اعجاز الاحسن تي ٻڌل ڪميٽي جي فيصلي کانپوءِ اعليٰ عدالت فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل ۽ عام چونڊن وارا ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيا آهن.

سُپريم ڪورٽ پاران ڪيسن ۾ ڌرين کي باظابطا نوٽيسز به جاري ڪيا ويا آهن.

جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ سُپريم ڪورٽ جي پنج رڪني لارجر بئنچ 23 هين آڪٽوبر تي فوجي عدلتن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.

لارجر بئنچ ۾ جسٽس منيب اختر، جسٽس يحييٰ آفريدي، جسٽس مظاهر علي نقوي ۽ جسٽس عائشه ملڪ شامل آهن.

سُپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل خلاف ڪيس جي ٻڌڻي 28 آڪٽوبر جي صبح 11 وڳي شروع ٿيندي.

ان کانسواءِ سُپريم ڪورٽ ۾ ٻيو اهم ڪيس نوي ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ بابت آهي، جنهن جي ٻڌڻي به 23 آڪٽوبر تي ٿيندي.

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ قائم ٽي رڪني بئنچ عام چونڊون ڪرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي، جسٽس امين الدين ۽ جسٽس اطهر من الله ان بئنچ ۾ شامل آهن.

ياد رهي ته مُلڪ ۾ 90 ڏينهن ۾ عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ سُپريم ڪورٽ بار ۽ پي ٽي آءِ سميت ٻين درخواستون داخل ڪيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.