اسڪاٽ لينڊ فلسطينين لاءِ پنهنجي ملڪ جا در کولي ڇڏي

ايڊنبرگ (ويب ڊيسڪ) اسڪاٽ لينڊ اسرائيلي بربريت جو نشانو بڻايل مظلوم فلسطينين لاءِ پنهنجي ملڪ جا در کولي ڇڏيا.

پرڏيهي خابرو اداري موجب اسڪاٽ لينڊ جي فرسٽ منسٽر حمزا يوسف چيو آهي ته هن جو ملڪ غزا جي متاثرن کي پناهه ڏيڻ لاءِ تيار آهي ۽ اسڪاٽلينڊ اهو پهريون ملڪ آهي جنهن فلسطينين جلاءِ پنهنجا در کوليا آهن.

حمزا يوسف چيوآهي ته اسان شام، يوڪرين ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن کان ايندڙ جي آجيان ڪئي آهي ۽ اسان کي غزا جي ماڻهن لاءِ به ائين ٻيهر ڪرڻ گھرجي.

ميڊيا رپورٽس موجب اسڪاٽ لينڊ جي فرسٽ منسٽر حمزا يوسف جي سهري سوڌو ٻيا مائٽ به غزا ۾ ڦاٿل آهن جن ۾ ٻن سالن جو بار به شامل آهي.

حمزا يوسف عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو غزا ۾ بي گھر ٿيل 10 لک فلسطينين لاءِ سڄي دنيا ۾ پناهگيرن جي پروگرام جو اعلان ڪن.

اسڪاٽس فرسٽ منسٽر برطانيا کان به فسلطينين لاءِ طبي امداد جي فراهمي جو مطالبو ڪندي چيو ته اسڪاٽ لينڊ جي اسپتالن ۾ اسان غزا متاثرن جو علاج ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.