بجلي واهپيدارن لاءِ بُري خبر، في يونٽ قيمت ۾ واڌ جو امڪان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مُلڪ ۾ بجلي واهپيدارن لاءِ هڪ ٻي بُري خبر آهي ته بجلي جي اگهن ۾ في يونٽ واڌ جو امڪان آهي.

سرڪاري ڊسڪوز لاءِ اضافي جي درخواست سي پي پي اي طرفان داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ بجلي في يونٽ 55 پئسا تائين مهانگي ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

نيپرا ۾ داخل درخواست ۾ ماهوار فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري گهري وئي آهي.

سي پي پي اي جي درخواست نيپر ا پهرين نومبر تي ٻڌڻي ڪندي، جنهن کانپوءِ درخواست جي منظوري جي صورت ۾ واهپيدارن تي هڪ مهيني لاءِ اٺ ارب ستٽيهه ڪروڙ رُپين جو اضافي ٻوجهه پوندو.

درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سپٽيمبر دوران ٻارنهن ارب ٻيانوي ڪروڙ يونٽ بجلي وڪرو ٿي، هائيڊل ذريعي بجلي جي پيداوار 37 ڏهائي 55 رهي.

سي پي پي اي موجب، سپٽيمبر دوران آر ايل اين جي ذريعي بجلي جي پيداوار 15 ڏهائي 95 سيڪڙو ۽ فرنس آئل ذريعي 1 ڏهائي 80 سيڪڙو بجلي پيدا ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.