واٽس ايپ ۾ وري هڪ بهترين فيچر شامل

واٽس ايپ آگسٽ 2021ع ۾ تصويرن ۽ وڊيوز جي پرائيويسي ۽ ايپ جي ميموري کي بچائڻ لاءِ ”ويو ونس“ جو فيچر متعارف ڪرايو هو.
ان فيچر تحت موڪلي ويندڙ تصوير يا وڊيو هڪ ڀيرو کلڻ کان پوءِ چيٽ مان مڪمل طور تي غائب ٿي ويندي آهي.
پر هاڻ ڪمپني طرفان آڊيو ميسيجز کي به ان فيچر جو حصو بڻايو پيو وڃي.
ميٽا جي ملڪيت هيٺ ميسيجنگ ايپ جي اپ ڊيٽس تي نظر رکندڙ سائيٽ WABetaInfo موجب اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس ڊوائيسز جي نئين بيٽا (beta) ورجن ۾ ان فيچر کي بهتر بڻائڻ جو اشارو ڏنو ويو آهي.
ان فيچر سان واهپيدار اهڙا آڊيو پيغام موڪلي سگھندا جيڪو هڪ ڀيرو ٻڌڻ بعد پاڻمرادو غائب ٿي ويندا.
رپورٽ موجب جڏهن ڪو واهپيدار آڊيو ميسيج رڪارڊ ڪندو ته هڪ آئڪون نظر ايندو جنهن تي نمبر 1 لکيل هوندو ۽ ان تي ڪلڪ ڪرڻ تي آڊيو ميسيج لاءِ ويو ونس موڊ ان ايبل ٿي ويندو.
ونس موڊ ان ايبل ٿيڻ تي جنهن فرد کي ميسيج موڪليو ويندو، اهو ان کي فارورڊ يا محفوظ نه ڪري سگھندو، پر جڏهن ان کي هڪ ڀيرو ٻڌو ويندو ته اهو غائب ٿي ويندو.
ان فيچر سان واهپيدارن کي حساس ڄاڻ شيئر ڪرڻ جو موقعو ملندو ۽ ليڪ ٿيڻ جو خطرو به نه هوندو.
حقيقت ۾ جڏهن ويو ونس فيچر متعارف ڪرايو ويو هو ته ڪمپني چيو هو ته ان فيچر کي واءِ فاءِ لاگ ان تفصيلن يا ٻين حساس تفصيلن جي تصوير شيئر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگھجي ٿو.
واٽس ايپ ۾ اڳ ئي ڊس اپيئرنگ ميسيجز جو فيچر موجود آهي جنهن ۾ آڊيو ميسيجز مخصوص وقت کان پوءِ غائب ٿي ويندا آهن.
پر ويو ونس جو نئون فيچر مڪمل چيٽ بدران ڪنهن هڪ مخصوص ميسيج لاءِ استعمال ڪري سگھجي ٿو جيڪو هڪ ڀيرو ڏسڻ بعد غائب ٿي ويندو.
في الحا ان فيچر تي ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ اڃا اهو چوڻ ڏکيو آهي ته ڪيستائين اهو سڀني واهپيدارن کي دستياب هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.