” نيوزيلينڊ سان کيڏو پوءِ گهر هلايا وڃو“ بي سي سي آءِ جو انوکو فيصلو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارتي رانديگرن کي موڪل ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب، نيوزلينڊ خلاف ميچ کانپوءِ ڪپتان روهت شرما سميت ڪيئي ڪرڪيٽرز کي بريڪ ڏني ويندي، ڀارت جي نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ خلاف ميچ ۾ هڪ هفتو جو وقفو آهي، ان وقفي دوران ڀارتي ڪرڪيٽرن کي موڪل ڏني ويندي.

ڀارت ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ميچ آچر تي شيڊيولڊ آهي جڏهن ته ڀارت ۽ انگلينڊ وچ ۾ ميچ 29 آڪٽوبر تي کيڏي ويندي.

رانديگرن کي بريڪ ڏيڻ بابت ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته رانديگر ايشيا ڪپ کان هينئر تائين پنهنجي گهر ناهن وڃي سگهيا تنهنڪري ان ميچ کانپوءِ هڪ هفتي دوران رانديگرن کي بريڪ جو آپشن ڏنو ويندو، جنهن تحت نيوزيلينڊ واري ميچ کانپوءِ ٻه ٽي ڏينهن فيملي سان گڏ گذاري سگهندا.

ڀارتي ميڊيا موجب، ان دوران روهت شرما، ويرات ڪوهلي، شُڀمَن گِل، ڪي ايل راهول، شرياس ائير، جسپريت بُمرا ۽ هاردِڪ پانڊيا به موڪلڻ ڪرڻ وارن ڪرڪيٽرز ۾ شامل هوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.