بي سي سي آءِ هاردِڪ پانڊيا جي انجري بابت بيان جاري ڪري ڇڏيو

پوني ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) آل رائونڊر هاردِڪ پانڊيا جي انجري بابت بيان جاري ڪري ڇڏيو.

بي سي سي آءِ موجب، هاردِڪ پانڊيا انجري جو شڪار ٿي ويو، سندس طبي معائنو مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ کيس آرام جو مشورو ڏنو ويو آهي.

هاردِڪ پانڊيا ويهه آڪٽوبرتي ڀارتي ٽيم سان ڌرم شالا نه ويندو، پر هو لکنئو ۾ ڀارت کي انگلينڊ خلاف ميچ لاءِ جوائن ڪندو.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن هاردِڪ پانڊيا کي بنگلاديش خلاف ميچ ۾ فيلڊنگ دوران انجري ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.