ڪراچي (ويب ڊيڪس)ڪراچي جي صدر واري علائقي ايمپريس مارڪيٽ ۾ ناياب نسل جي پکين جو غيرقانوني طور ڪاروبار ڪندڙن پاران جهنگلي جيوت کاتي جي ٽيم تي حملي ڪرڻ جو واقعو پيش آيو آهي.
سنڌ ۾ غيرقانوني طور رهندڙ افغانين ڪراچي جي ايمپريس مارڪيٽ واري علائقي ۾ ناياب نسل جا پَکي وڪڻي رهيا هئا ته اطلاع تي وٽن آفيسر اشفاق ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ٽيم پهتي.
ٽيم پاران ناياب نسل جي پکين جو وڪرو ڪندڙن کان لائينس پڇيا ويا ته جوابدارن ٽيم تي لٺين ۽ ڏنڊن سان حملو ڪري ڏنو.
غيرقانوني رهندڙ افغانين جي حملي جي نتيجي ۾ جهنگلي جيوت کاتي جا ٽي ملازم زخمي ٿي پيا جڏهن ته جوابدار ناياب نسل جا پکي کڻي فرار ٿي ويا.