اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل شير افضل مروت جي هڪ ڀيرو ٻيهر ويڙهه ٿي وئي، هن ڀيري هو هڪ شهري سان وڙهيو آهي.
شير افضل سپريم ڪورٽ جي گيٽ ٻاهران شهري سان هٿين پئجي ويو، پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل الزام هنيو ته هو ان شخص کي نٿو سڃاڻي پر هن مون کي هروڀرو گار ڏني.
شير افضل مروت ميڊيا سان وڌيڪ ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ هاءِ ڪورٽ روانو ٿي ويو، جڏهن ته شهري وڪيل خلاف درخواست لاءِ سيڪريٽريٽ ٿاڻي هليو ويو.
واضح رهي ته شير افضل مروت ۽ ن ليگ سينيٽر افنان الله وچ ۾ به لائيو شو دوران ويڙهه ٿي هئي ۽ ٻنهي لتن ۽ مڪن جو استعمال ڪيو هو، افنان الله، شير افضل خلاف درخواست به داخل ڪرائي هئي.
You might also like