هيءَ ڪهڙي اداڪارا جي ننڍپڻ جي تصويرآهي؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي شوبز شخصيتن طرفان پنهنجي ننڍپڻ جو تصويرون شيئر ڪيون وينديون آهن جن کي ڏسي مداح خوشگوار حيرت ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن.
شوبز ستارن طرفان تصويرون شيئر ڪرڻ جو مقصد پراڻيون يادون تازيون ڪرڻ ۽ ان پنهنجي مداحن کي به ڏيکارڻو هوندو آهي ته جيئن مداح هنن جي ننڍپڻ جي تصوير ڏسي سگھن.
هڪ مشهورڀارتي داڪارا پنهنجي تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ کيس مُرڪڪندي ڏسي سگھجي ٿو.
ڇا اوهان سڃاڻي ويئو ته اسان ڪهڙي اداڪارا جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون؟
جيڪڏهن نه ته اسان اوهان کي ٻڌايون ٿا ته اها اداڪارا اجي ديوگن ۽ اڪشي ڪمار سان به اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي.
هلو ته اوهان کي ٻڌايون ته اداڪارا ڪير آهي؟ اها مُرڪندڙ ٻارڙي ڪاجل اگروال آهي جيڪا مختلف بالي فلمن ۾ اداڪاري جي جوهر ڏيکاري چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.