جمهوريت جي شهيدن جي رت جا قرضي رهنداسين: آصف زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته 18 آڪٽوبر جي شهيدن جي بهادري ۽ وفاداري جي تاريخ آهي، شهيدن جي قرباني ضايع نه ويندي.
ڪارساز سانحي جي حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ آصف علي زرداري چيو ته 18 آڪٽوبر سانحو وسارڻ جوڳو ناهي، پاڪستان کي مڪمل فلاحي رياست بڻائڻ تائين جمهوريت جي شهيدن جي رت جا قرضي رهنداسين.
هن چيو ته 18هين آئيني ترميم جمهوريت جي شهيدن جي جدوجهد جو ثمر آهي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي پاڪستان ۾ امن ٿيندو، عوام خوشحال ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته خود مختيار پارليامينٽ، آئين جي بالادستي ۽ عوام جي حڪمراني سان ملڪ ترقي ڪندو، نوجوان بلاول ڀٽو زرداري جو ساٿ ڏين، هو نوجوانن کي ڪڏهن مايوس نه ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.